باقراڻي ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ 18 هين ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو

bakrani tma pro

باقراڻي ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ  18 هين ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

بخشل چانڊيو ، راحب هيسباڻي، امان الله ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري علامتي طور ماتم ڪيو.

مظاهرين چيو ته ٽي ايم اي ۾ انتظامي نااهلي سبب گذريل ٽن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب هو پگهارن کان محروم آهن.

هنن چيو ته پگهارون جاري نه ٿيڻ ڪري هو فاڪا ڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن، بار بار احتجاج باوجود اختياريون نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن.

هنن مطالبو ڪيو ته ٽائون آفيسر فوري طور مقرر ڪري کين رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجن ڪم بند رکيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*