لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي پهرين اجلاس ۾ ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت ۽ ڪنٽرول لائين تي بنا جواز ڀارتي فوج جي فائرنگ وارن واقعن خلاف گڏيل قرارداد منظور ڪئي وئي

lrk distric council

لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي پهرين اجلاس ۾ ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت ۽ ڪنٽرول لائين تي بنا جواز ڀارتي فوج جي فائرنگ وارن واقعن خلاف گڏيل قرارداد منظور ڪئي وئي، چونڊيل نمائندن ترقياتي منصوبن بابت تجويزون به پيش ڪيون.

لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جو پهريون اجلاس ميئر اسلم شيخ جي صدارت هيٺ ٿيون اجلاس ۾ چونڊيل عوامي نمائندا شريڪ ٿيا، اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ واپارين، شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻ به گئلريز ۾ موجود هئا.

   اجلاس دوران ڀارت پاران ڪشمير اندر بيگناهه ماڻهن جو رت وهائڻ ۽ ڪنٽرول لائين تي ڀارتي اڳرائين خلاف قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي.

ميئر لاڙڪاڻو اسلم شيخ جي صدارت هيٺ ميونسپل ڪارپوريشن جي اجلاس دوران مڪاني کاتي جي ميمبرز ترقياتي ڪمن بابت تجويزون پيش ڪيون.

ميئر اسلم شيخ جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي شهر جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سمورا ميمبرز  ترقياتي ڪمن بابت پنهنجو پنهنجون اسڪيمون پيش ڪن.

 ميئر اسلم شيخ جو چوڻ هو ته شهر  ۾  پارڪن سميت گهٽين توڙي روڊن رستن جي صفائي تي ڌيان ڏئي سيوريج و نظام بهتر ڪيو ويندو.

اسلم شيخ جو چوڻ هو ته شهر ۾ نئون پبلڪ پارڪ ۽ قبرستان لاءِ زمين مختص ڪئي ويندي ۽ پيڻ جي صاف پاڻي لاءِ به پلان تيار ڪيو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*