اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس ۾ جوابدار نعمان کوکر ۽ راجا ارشد جي جڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي

fahad

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس ۾ جوابدار نعمان کوکر ۽ راجا ارشد جي جڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اسلام آباد ۾ قتل ٿيل بئريسٽر فهد ملڪ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڪيس جي مک جوابدار راجا ارشد ۽ نعمان کوکر کي سخت سڪيورٽي ۾ عدالت پهچايو ويو.

ڪيس جي مک جوابدار راجا ارشد جي گهر واري جاچ آفيسر تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي عدالت کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو.

عدالت، ٻنهي جوابدارن جي جڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪندي 20 آڪٽوبر تي ڪيس جو حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته اسلام آباد ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران بئريسٽر فهد ملڪ مارجي ويو هو، ڪيس جي مک جوابدار راجا ارشد کي طورخم بارڊر وٽان گرفتار ڪيو ويو هو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*