نصرپور ويجهو سي آءِ اي پوليس مبينا مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

nasar pur

نصرپور ويجهو سي آءِ اي پوليس مبينا مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ڏوهاري ڪراچي ۽ قمبر ۾ ڌاڙن، ڦرن ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن.

سي آءِ اي پوليس موجب ڳوٺ ڏتو ڪالرو وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران ٻن ڏوهارين پرويز عرف پپو ۽ علي بخش عرف بخشل مغيري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

سي آءِ اي پوليس موجب گرفتار ڪيل ڏوهاري ڪراچي ۽ قمبر  ۾ ڌاڙن ۽ ڦرن جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهن.

پوليس موجب گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان هڪ رائيفل، هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*