شڪارپور پوليس سلطان ڪوٽ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي سهولتڪاري جي الزام هيٺ 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

shikarpur 20 arrest

شڪارپور پوليس سلطان ڪوٽ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي سهولتڪاري جي الزام هيٺ 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

شڪارپور پوليس ۽ رينجرز سلطان ڪوٽ ۽ ناپر ڪوٽ وارن علائقن ۾ ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي سهولتڪار هجڻ واري الزام هيٺ 20 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

شڪارپور جي سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ احمد علي ۽ عبدالرزاق پندراڻي بروهي ۾ ڪارروائي دوران گرفتار جوابدارن جي قبضي مان پرڏيهي ملڪن جي ڪرنسي به هٿ ڪئي وئي آهي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته خانپور مان گرفتار ڪيل آپگهاتي بمبار عثمان پٺاڻ جي نشاندهي تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

پوليس ذريعن موجب گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ غلام قادر بروهي، سعيد، گلاب، نذير، عزيز ۽ عبدالجبار بروهي سميت ڪيترائي دهشتگردن جا سهولتڪار شامل آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*