لاڙڪاڻي جي عدالت شهر جي روڊ رستن تان وڻن جي واڍي روڪڻ جو حڪم ڏيندي لاڳاپيل اختيارين کان 14 آڪٽوبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي جي عدالت شهر جي روڊ رستن تان وڻن جي واڍي روڪڻ جو حڪم ڏيندي لاڳاپيل اختيارين کان 14 آڪٽوبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

لاڙڪاڻي جي سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾ وڪيل اوشاق علي سانگي داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن روڊ کاتي ۽ ميونسپل ڪارپوريشن کاتي کي ڌر ڄاڻائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته روڊ ٺاهڻ بهاني شهر جي خوبصورتي بڻيل وڻن جي واڍي ڪئي پئي وڃي.

وڪيل درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ته وڻن جي غيرقانوني واڍي جو ڪو رڪارڊ به نه ٿو رکيو وڃي.

اهڙي درخواست جي ٻڌڻي دوران روڊز کاتي جو اسسٽنٽ انجنيئر نذير ڀٽو ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جو پرڪاش پيش ٿيا.

عدالت شهر جي وڻن جي واڍي خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪندي حڪم ڏنو ته شهر ۾ اڳ ڪيترا وڻ پوکيل هئا، ڪيترا وڻ وڍيا ويا ۽ ڪيترا نوان وڻ پوکڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، 14 آڪٽوبر تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*