سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو دادو ضلعي جي 648 ملازمن جي معطلي واري سيڪريٽري تعليم جي حڪمن خلاف اسٽي جاري ڪري ڇڏيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو دادو ضلعي جي 648 ملازمن جي معطلي واري سيڪريٽري تعليم جي حڪمن خلاف اسٽي جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بئنچ گسٽا جي ضلعي صدر لياقت جتوئي جي پٽيشن تي ٻڌڻي هلائي، گسٽا پاران داخل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته استادن ۽ ملازمن کي ڪرپشن جي ڏوهه ۾ ملوث قرار ڏئي معطل ڪرڻ ناانصافي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تعليم کاتي پاران بناجاچ جي غير قانوني ڀرتيون ڪرڻ واري معاملي جي به جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت تعليم کاتي جي ملازمن جي معطلي واري حڪمن خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪندي واڳيل ڌرين کي موقف پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*