سنڌ سرڪار ڪمند جو في مڻ اگهه 182 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي، زراعت واري وزير سهيل انور سيال چيو آهي

khi abadgr

سنڌ سرڪار ڪمند جو في مڻ اگهه 182 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو  آهي، زراعت واري وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته شگر ملز 7 نومبر کان چمنيون ٻارينديون ۽  15 نومبر کان پيڙائي شروع ڪري ڇڏينديون.

ڪراچي ۾ زراعت واري وزير سهيل انوار سيال پاسما ۽ آبادگارن سان گڏجاڻي ڪري ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ پيڙائي شروع ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون.

گڏجاڻي دوران زراعت واري وزير،  پاسما ۽ آبادگارن ڪمند جو في مڻ اگهه 182 رپيا مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

زراعت واري وزير سهيل انور سيال جي ڪمندجو مقرر  اگهه ڏيڻ جي خاطري بعد پاسما اڳواڻن 7 نومبر کان چمنيون ٻارڻ ۽ 15 نومبر کان پيڙائي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*