وڏي وزير جي اوقاف واري کاتي بابت خاص معاون سيد غلام شاهه چيو آهي

larkana

وڏي وزير جي اوقاف واري کاتي بابت خاص معاون سيد غلام شاهه چيو آهي ته عمران خان سياستدان نه پر ڌرڻا خان بڻجي ويو آهي کيس سياست ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه سکڻو پوندو.

غلام شاهه جيلاني لاڙڪاڻي ۾ درگاهه عثمان شاهه، عظيم شاهه سميت مختلف درگاهن جو دورو ڪري انهن جو معائنو ڪيو ۽ چادر چاڙهي.

لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي مائنس زرداري فارمولا بابت چيو ته، پيپلز پارٽي آصف زرداري آهي ان کان سواءِ پ پ ڪجهه به نه آهي.

هن چيو ته آصف زرداري جون پيپلز پارٽي لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن، انهن کي برداشت ڪرڻ عمران خان جي وس جي ڳالهه نه آهي.

غلام شاهه جيلاني چيو ته، عمران خان سياستدان نه پر ڌرڻا خان آهي جنهن کي رڳو لٻاڙون هڻڻ ايندو آهي، کيس سياست ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه سکڻ جي  ضرورت آهي.

هن چيو ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، قلندر شهباز جي مزار سميت سنڌ جي سمورين وڏين مزارن جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتي واڪ ٿروگيٽ لڳائي سيڪيورٽي وڌائي ويندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*