لاڙڪاڻو چئمبر آف ڪامرس پاران پاڪ فوج ۽ رينجرز جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ تي مظاهرو ڪري پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعري بازي ڪئي

larkana pak army

لاڙڪاڻو چئمبر آف ڪامرس پاران پاڪ فوج ۽ رينجرز جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ تي مظاهرو ڪري پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعري بازي ڪئي.

لاڙڪاڻو چئمبر آف ڪامرس پاران واپاري اڳواڻن خير محمد شيخ، نثار الله شيخ، جمال مصطفيٰ، حاجي انور علي، نَــــوَل راءِ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪئنيڊي بازار کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي جناح باغ چوڪ تي پهتي.

واپاري اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته، ڀارتي فوج پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ بنا جواز جي فائرنگ ڪري پاڪستان ۽ پاڪ فوج خلاف اجائي واويلا ڪري رهي آهي.

واپاري اڳواڻن چيو ته پاڪ فوج قوم ۽ ملڪي سالميت جي ضامن آهي، پاڪ فوج دنيا جي مضبوط ترين ۽ بهادر فوج آهي جيڪا ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي.

چئمبر آف ڪامرس لاڙڪاڻو جي واپاري اڳواڻن چيو ته عوام ۽ لاڙڪاڻي جي واپاري پاڪ فوج سان گڏ آهن ۽ هُو ڪنهن به ڏکئي وقت ۾ پاڪ فوج سان گڏ هوندا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*