نوابشاهه ۾ پوليس دهشتگردي جي هڪ منصوبي کي ناڪام بڻائيندي 11 دهشتگردن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد ۽ فوجي توڙي پوليس اهلڪارن جون ورديون هٿ ڪري ورتيون

nawabsha hatiyar

نوابشاهه ۾ پوليس دهشتگردي جي هڪ منصوبي کي ناڪام بڻائيندي 11 دهشتگردن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد ۽ فوجي توڙي پوليس اهلڪارن جون ورديون هٿ ڪري ورتيون، پوليس جو چوڻ آهي ته هٿ آيل هٿيارن ۾ آٽو ميٽڪ ۽ مشين گنز به شامل آهن.

حساس ادارن جي اطلاع تي پوليس شهر جي عظيم ڪالوني ۽ لکمير ڪالوني ۾ ڪارروائي ڪندي بلوچستان سان واسطو رکندڙ 11 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي تنوير تنيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو  ته ڪارروائي دوران وڏي انگ ۾ هٿيار، هزارين گوليون، بارودي مواد سميت فوجي ۽ پوليس اهلڪارن جون ورديون به هٿ ڪيون ويون آهن.

ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ڪارروائي ۾ 4 مشين گنز، 2 رپيٽر، 3 رائيفلون، 5  ٽي ٽي پسٽل، 3 دور بينون، 3 هزار کان وڌيڪ گوليون،پوليس ۽ فوج جون 4 ورديون هٿ ڪيون ويون آهن.

ايس ايس پي جو چوڻ هو ته گرفتار دهشتگردن ۾ سميع الله، گلزار،  امير الله، محمد عارف، بلاول، عبدالنويد، شوڪت رستماڻي،صاحب لاکو. قادر بخش لاکو. عابد لاکو ۽ ٻيا شامل آهن ، جيڪي لکمير بروهي ڪالوني ۾ هڪ گهر  ۾ ترسيل هئا.

ايس ايس پي وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار دهشتگرد 10 ڏينهن اڳ بلوچستان کان نوابشاهه آيا هئا، جيڪي محرم الحرام دوران دهشتگردي جو منصوبو جوڙي رهيا هئا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*