سکر جي احتساب عدالت ڪرپشن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي ٻن آفيسرن کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي

Sukkur-2-12

سکر جي احتساب عدالت ڪرپشن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي ٻن آفيسرن کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جوابدارن جعلي بل ۽ وائوچرز ذريعي لکين رپين جي ڪرپشن ڪئي هئي.

احتساب عدالت جي جج عبدالرشيد شاهه لکين رپيا ڪرپشن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سيلز ريپريزنٽيٽيو نقي شاهه کي 5 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ۽ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ اياز شيخ کي 7 سال قيد ۽ 14 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

جوابدارن کاتي اندر جعلي بلن ۽ وائوچرز ذريعي لکين رپين جي ڪرپشن ڪئي هئي.

عدالت ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ملازم فضل ڪريم، سڪندر ميمڻ ۽ تيمور احمد کي بري ڪري ڇڏيو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*