راولپنڊي پوليس گذريل ڏينهن گاڏيءَ مان نوجوان ۽ ناريءَ جي هٿ آيل لاشن واري معاملي کي پسند جي شاديءَ ۾ ناڪاميءَ تان آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو

Rawalpindi-map-05-8

راولپنڊي پوليس گذريل ڏينهن گاڏيءَ مان نوجوان ۽ ناريءَ جي هٿ آيل لاشن واري معاملي کي پسند جي شاديءَ ۾ ناڪاميءَ تان آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو.

پوليس موجب ڪامسيٽس جي شاگرد 27 ورهين جي تيمور ۽ 25 ورهين جي آمنه جي زهر کائي پنهنجي زندگين جو انت آندو.

پوليس موجب ٻئي هڪٻئي کي پسند ڪندا هئا پر مائٽن سندن رشتا ٻئي هنڌ ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري ٻنهي زهر کائي آپگهات ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان تيمور ۽ آمنه جي معدي مان حاصل ڪيل نمونا فرانزڪ ليب موڪليا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*