ڪراچي جي دهشتگردي توڙ عدالت گذريل ڏينهن نارٿ ڪراچي مان گرفتار ڪيل 9 دهشتگردن کي 10 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي ڪري ڇڏيو آهي

ATC-16-4-16

ڪراچي جي دهشتگردي توڙ عدالت گذريل ڏينهن نارٿ ڪراچي مان گرفتار ڪيل 9 دهشتگردن کي 10 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

سي ٽي ڊي گذريل ڏينهن نارٿ ناظم آباد مان القاعده برصغير جي ڪراچي جي امير سميت گرفتار ڪيل 9 دهشتگردن کي سي ٽي سي جي انتظامي جج آڏو پيش ڪيو.

سي ٽي ڊي عدالت کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار ڪراچي ۾ٽارگيٽ ڪلنگ سميت مختلف وارداتن ۾ ملوث آهن، جن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

سي ٽي ڊي عدالت کي جوابدارن جو رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي، جيڪا عدالت قبول ڪندي سمورن جوابدارن کي 10 ڏينهن جي جديشل رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي ڪيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*