قومي اسميبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته وزيراعظم پاڻ سمجهدار آهي، پاڻ فيصلو ڪري سگهي ٿو

ayaz-sadiq22-8

قومي اسميبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته وزيراعظم پاڻ سمجهدار آهي، پاڻ فيصلو ڪري سگهي ٿو، هــُو استعيفيٰ جو مشورو نه ڏيندا، جلسا ۽ جلوس ملڪ مان چيني سيڙپڪارن کي ڀڄائڻ جي ڪوشش آهي پر نه اسلام آباد بند ٿيندو ۽ نه ئي پرڏيهي سيڙپڪاري کي روڪي سگهجي ٿو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار اياز صادق چيو ته جلسا جلوس ڪري ملڪ اندر ايندڙ سيڙپڪارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته چيني سيڙپڪارن کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر نه چين ۽ نه ئي ڪو ٻيو ملڪ سيڙپڪاري روڪيندو.

سردار اياز صادق چيو ته وزيراعظم نواز شريف پاڻ سمجهدار آهي، استعيفيٰ بابت پاڻ فيصلو ڪري سگهي ٿو،کيس مشوري ڏيڻ جي ضرورت نه آهي.

سردار اياز صادق چيو ته ريفرنس جي حوالي سان ميڊيا ۾ غلط خبر هلائي مونجهارا پيدا ڪيا ويا، اسپيڪر 30 ڏينهن اندر ريفرنس موڪلڻ جو پابند آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*