ڪراچي جي احتساب عدالت ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم کي الاٽ ڪيل زمينن جو رڪرڊ طلب ڪري ورتو آهي

Dr-Asim-10916

ڪراچي  جي احتساب عدالت ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم کي الاٽ ڪيل زمينن جو رڪرڊ طلب ڪري ورتو آهي، ڊاڪٽر عاصم عدالت ۾ جذباتي ٿيندي چيو ته ٻن سالن کان مون سان مذاق ڪيو پيو وڃي، جناح اسپتال ۾ جعلي دوائون ڏنيون پيون وڃن، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو بيان به نه ٿو ڪري سگهان.

احتساب عدالت ۾ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ڊاڪٽر عاصم عدالت ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ وقت جذباتي ٿيندي چيو ته ساڻس ٻن سالن کان مذاق ڪيو پيو وڃي ۽ هو وڏي اذيت ۾ مبتلا آهي، جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن کي ڪنهن شيءِ جي خبر ئي ناهي، کيس جعلي دوائون ڏنيون پيون وڃن.

عدالت ڊاڪٽر عاصم کي الاٽ ڪيل زمينن جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*