آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته عزيز آباد مان پڪڙيل هٿيار ۽ بارودي مواد گهرو ويڙهه لاءِ استعمال ٿيڻو هو

IG-AD-khuwaja

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته عزيز آباد مان پڪڙيل هٿيار ۽ بارودي مواد گهرو ويڙهه لاءِ استعمال ٿيڻو هو، ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي حالتن کي نظر ۾ رکندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، نوابشاهه، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور حساس آهن، انهن ضلعن ۾ دهشتگردي جو خطرو موجود  آهي.

هن چيو ته ملڪ دشمن فرقيواريت کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ان ڪري ڪوئيٽا کانپوءِ ڪراچي ۾ به گذريل ڏينهن فائرنگ جو فرقيوراڻو واقعو پيش آيو.

هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي جي علائقي عزيز آباد مان پڪڙيل هٿيار گهيرو ويڙهه لاءِ استعمال ٿيڻ لاءِ رکيا ويا هئا، نوابشاهه ۾ به ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل دهشتگردن محرم الحرم دوران دهشتگردي جو وڏو منصوبو جوڙيو هو.

اي ڊي خواجه چيو ته دهشتگردي جي خدشن کي نظر ۾ رکندي محرم الحرام ۾ سڪيورٽي جا ڀرپور انتظام ڪيا ويا آهن، موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي حالتن کي نظر ۾ رکي لاڳو ڪئي وئي آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته محرم سميت وڏن موقعن تي ٻيلهه سواري تي پابندي سان فائدو ٿيندو آهي، ڇو ته ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ موٽرسائيڪل جو ئي استعمال ٿيندو آهي، دهشتگردن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن، مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن کي به حدف بڻائڻ لاءِ موٽرسائيڪل جو استعمال ڪيو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*