اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عورتن تي تشدد خلاف قانونسازي تي پارليامينٽ کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي

Asif Ali zardari iran 15-7

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عورتن تي تشدد خلاف قانونسازي تي پارليامينٽ کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ عورتن کي قتل ڪندڙن لاءِ معافي جا در بند ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي غيرت جي نالي تي قتل ڪندڙن لاءِ معافيءَ جي ڪابه گنجائش نه آهي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ عورتن تي تشدد خلاف قانونسازي تي پارليامينٽ کي مبارڪون ڏنيون آهن.

آصف زرداري چيو ته پارليامينٽ بل پاس ڪري واضح ڪري ڇڏيو ته غيرت جي نالي تي قتل ڪندڙن لاءِ معافيءَ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن، 7 آڪٽوبر جو ڏهاڙو ملڪي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو.

هن چيو ته عورتن تي تشدد خلاف ٻئي بل پيپلز پارٽي پاران پيش ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي، هاڻي قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*