ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ پوليس ۽ پورن وچ ۾ مقابلي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو

Karachi-Police-24916

ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ پوليس ۽ پورن وچ ۾ مقابلي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو به مارجي ويو.

لانڍي بازار  ويجهو ڦر جي ارادي سان بيٺل ڦورن ۽ پوليس وچ مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران پوليس اهلڪار الطاف حسين ٿڏي تي شهيد ٿي ويو.

پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو به مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

شهيد اهلڪار جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو  آهي، جڏهن ته ڦورو جو لاش اسپتال ۾ پيل آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*