سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه چيو آهي ته عزيز آباد واري علائقي مان هٿيار هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ جاري آهي

Murad-Ali-Shah-3916

سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه چيو آهي ته عزيز آباد واري علائقي مان هٿيار هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ جاري آهي، سياسي پارٽي جي هيڊ ڪوارٽر ڀرسان هٿيار ملڻ سبب شڪ ان پارٽي ڏانهن وڃي ٿو.

ڪراچي ۾ سنڌ ٽي وي جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر ڪرم راڄپر سان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ بعد  ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اسان ڪرپشن خلاف آهيون ، اينٽي ڪرپشن جي قانون ۾ ترميم ڪري رهيا آهيون  ۽ نيب پنهنجو ڪم جاري رکي.

وڏي وزير چيو ته  عزيز آباد واري علائقي مان هٿيار هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ جاري آهي، سياسي پارٽي جي هيڊ ڪوارٽر ڀرسان هٿيار ملڻ سبب شڪ ان پارٽي ڏانهن وڃي ٿو.

 هن چيو ته متحدهه وارا استعيفيٰ ڏين يا نه ڏين مان پنهنجو ڪم ڪندو رهندس.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڊائلاسز مشينز ذريعي ايڊز پکڙجڻ  بابت رپورٽ طلب ڪئي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*