امريڪي صدارتي اميدوار هليري ڪلنٽن ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ صدارتي اليڪشن 2016 جو ٻيو مباحثو واشنگٽن جي يونيورسٽي اِن سينٽ لوئس ۾ ٿيو

Usa-Election-2016-101016

امريڪي صدارتي چونڊ 2016 جي ٻئي مباحثي دوران ريپبليڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ عورتن کي گٿا لفظ ڳالهائڻ تي باضابطا طور معافي وٺندي چيو آهي ته ان وڊيو کي 11 سال گذري چڪا آهن، هو هاڻ چينج ٿي چيڪو آهي، ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار هليري ڪلنٽن چيو آهي ته رڳو ويڊيو ۽ آڊيو ٽيپ جي ڳالهه ناهي، ڊونلڊ ٽرمپ جون ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ڏسي نٿو لڳي ته هو صدارتي عهدي لاءِ  اهل آهي.

امريڪي صدارتي اميدوار هليري ڪلنٽن ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ صدارتي اليڪشن 2016 جو ٻيو مباحثو واشنگٽن جي يونيورسٽي اِن سينٽ لوئس ۾ ٿيو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي تي سخت تنقيد ڪرڻ سان گڏ پهنجيون پاليسيون عوام آڏو واضح ڪيون.

مباحثي دوران ڊونلڊ ٽرمپ عورتن کي گٿا لفظ ڳالهائڻ تي باضابطا معافي وٺندي چيو ته مونکي پنهنجي ويڊيو ۽ ٽيپ تي فخر ناهي پر بل ڪلنٽن عورتن تي ظلم ڪيو، هليري ان ڇوڪِري کي ڏسي کِلون ڪيون، جنهن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.

هليري ڪلنٽن چيو آهي ته رڳو ويڊيو ۽ آڊيو ٽيپ جي ڳالهه ناهي، ڊونلڊ ٽرمپ جون ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ڏسي نٿو لڳي ته هو صدارتي عهدي لاءِ  اهل آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هليري ڪلنٽن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اي ميلز اسڪينڊل کانپوءِ هليري کي جيل ۾ هجڻ گهرجي ها، 33 هزار اي ميلز ڊليٽ ڪيون ويون، جنهن تي هليري کي شرم اچڻ گهرجي، مون مشل اوباما کي به هليري خلاف ڳالهائيندي ڏٺو آهي.

هليري ڪلنٽن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ اوباما ڪيئر کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو، منهنجي اي ميلز ۾ موجود مواد غلط هٿن ۾ نه ويو، ٽرمپ جون ڳالهيون حقيقتن جي ابتڙ آهن، پنهنجو ذاتي اڪائونٽ استعمال ڪرڻ تي معافي وٺان ٿي.

ريپبليڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار مسلمانن خلاف زهر اوڳاڇڻ بند نه ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن مسلمانن کي آمريڪا اچڻو آهي ته صحيح نموني رپورٽ ڪن، اوباما جي مسلمان پاليسي هاڻي ناڪام ٿي چڪي آهي.

هليري ڪلنٽن چيو ته مسلمانن جو امريڪي قوم لاءِ ڪردار ڪنهن کان لڪل ناهي، محمد علي جهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن، ٽرمپ جي مسلمانن بابت بيانن سان داعش جهڙي تنظيمن کي هٿي ملي ٿي.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هليري روس خلاف سخت زبان استعمال ڪندي آهي، هيلري حقيقت ڄاڻڻ کان بغير ئي باغين جي حق ۾ ڳالهائيندي رهندي آهي، معمر قذافي جي لبيا مان وڃڻ کانپوءِ اڃا تائين اتي افرار تفري مچيل آهي، اوهان ايران کي ايتري رقم ڏني آهي، جيڪا هٿي رکي وڃي ته ڪمرو ڀرجي ويندو.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته روس ۽ ايران داعش کي ماري رهيا آهن، بشار الاسدر به داعش کي ماري رهيو آهي، حلب پهرين ئي سقوط جو شڪار آهي، اسان کي داعش سان منهن ڏيڻو پوندو، موصل ۾ اعلانيل حملا ڇو ڪيا پيا وڃن، انهن سان دهشتگرد فرار ٿي رهيا آهن.

هليري ڪلنٽن چيو ته صدر چونڊجي ويس ته سپريم ڪورٽ بئنچ مڪمل ڪنديس، اهڙي سپريم ڪورٽ جوڙينديس جيڪا غريب ۽ امير وچ ۾ ڪو به فرق نه ڪري، جنهن جج ڪيس وڙهيا آهن، انهن جي سپريم ڪورٽ جي جج بڻجڻ جي حق ۾ آهيان.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان کي سپريم ڪورٽ جو بئنچ جوڙڻ لاءِ 20 بهترين ججز جي ضرورت آهي، مان اها سپريم ڪورٽ بڻائڻ چاهيان ٿو، جيڪا قانون ۽ آئين جو احترام ڪري.

ڊونلڊ ٽرمپ آخر ۾ اعتراف ڪندي چيو ته هليري ڪلنٽن هڪ ويڙهاڪ عورت آهي، هن جا ارادا مضبوط آهن، هوءَ ڪڏهن به هار نه مڃڻ ۽ پوئتي هٽڻ واري نه آهي.

امريڪي صدارتي اميدوارن هليري ڪلنٽن ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٽيون صدارتي مباحثو 20 آڪٽوبر تي لاس ويگاس جي يونيورسٽي آف نيو اڊا ۾ ٿيندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*