ڪراچي جي عدالت ٻيلهه سواري تان گرفتار وڌيڪ 8 ڄڻن کي آزاد ڪندي موٽر سائيڪلز واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

khi double sawari cour pesi

ڪراچي جي عدالت ٻيلهه سواري تان گرفتار وڌيڪ 8 ڄڻن کي آزاد ڪندي موٽر سائيڪلز واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت قلم 144 جي ڀڃڪڙي جا ڪيس داخل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي ٿاڻن تان ئي شخصي ضمانت تي ڇونه آزاد ڪيو ويو.

شهر جي مختلف علائقن مان موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي گرفتار ڪيل وڌيڪ 8 ڄڻن کي پوليس جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت 8 ئي ڄڻن کي آزاد ڪرڻ ۽ موٽر سائيڪلون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.

عدالت موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي قلم 144 جي خلاف ورزي جو ڪيس داخل ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي ٿاڻن تان ئي شخصي ضمانت تي ڇونه آزاد ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*