پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف ڪاڪول اڪيڊمي ۾ چوٿين پاڪستان بٽالين جو افتتاح

Raheel-Sharif-Visit-101016

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف ڪاڪول اڪيڊمي ۾ چوٿين پاڪستان بٽالين جو افتتاح ڪرڻ بعد چيو آهي ته مستقبل جي قيادت فوج جي پروفيشنل تيارين تي ڀرپور ڌيان ڏئي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاڪستان مليٽري اڪيڊمي ڪاڪول جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس پيشوراڻين مهارتن جي حوالي سان تفصيلي آگاهي ڏني وئي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، دوري دوران آرمي چيف چوٿين پاڪستان بٽالين جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابين ۽ قربانين اسان جو ڳاٽ اوچو رکيو آهي.

هن چيو ته، مستقبل جي ليڊرشپ پروفيشنل تيارين تي ڌيان ڏئي، هر شعبي جي تربيت سان ئي چئلينجز کي منهن ڏئي سگهجي ٿو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*