سنڌ حڪومت 9 ۽ 10 محرم الحرام تي ڪراچي، حيدر آباد ۽ سکر ۾ موبائل فون سروس بند رکڻ وفاقي گهرو وزارت کي درخواست ڪري ڇڏي

Mobile-Service-Off

سنڌ حڪومت 9 ۽ 10 محرم الحرام تي ڪراچي، حيدر آباد ۽ سکر ۾  موبائل فون سروس بند رکڻ وفاقي گهرو وزارت کي درخواست ڪري ڇڏي آهي، صوبائي گهرو سيڪريٽري چيو آهي ته وفاق کي 9 ۽ 10 محرم تي صبح 8 وڳي کان ماتمي جلوسن جي پڄاڻيءَ تائين موبائل فون سروس بند رکڻ  درخواست ڪئي آهي.

سنڌ حڪومت 9 ۽ 10 محرم الحرام تي ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ ڪراچي ، حيدرآباد ۽ سکر ۾ موبائل فون سروس بند رکڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي درخواست ڪئي آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي جي سيڪريٽري رياض سومري جو چوڻ آهي ته وفاق کي صبح 8 وڳي کان ماتمي جلوسن جي پڄاڻيءَ تائين موبائل فون سروس بند رکڻ   جي درخواست ڪئي آهي.

واضح رهي ته وفاقي گهرو وزارت  پاران موبائل فون سروس بند رکڻ واري فيصلي کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*