وزيراعظم نواز شريف وري اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙ ڳالهائيندي مريم نواز جي ڪفالت تان ئي هٿ کڻي ويو آهي،تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان

isb imran khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته، وزيراعظم نواز شريف وري اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙ ڳالهائيندي مريم نواز جي ڪفالت تان ئي هٿ کڻي ويو آهي، ثابت ٿي ويو آهي ته وزيراعظم نواز شريف کي احتساب جو خوف ورائي ويو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان وزيراعظم نواز شريف کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته، نواز شريف 2011ع تائين ٻڌائيندو آيو آهي ته مريم نواز سندس ڪفالت ۾ آهي.

هن چيو ته، نواز شريف جي ڪوڙ مان ثابت ٿي ويو ته کيس احتساب جو خوف آهي ۽ کين خبر هئي ته نواز شريف احتساب کان بچڻ لاءِ مختلف ٽڪساٽ استعمال ڪندو.

تحريڪ انصاف جي سربراهه خدشو ظاهر ڪيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف اثر رسوخ استعمال ڪري سرڪاري رڪارڊ  تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*