دهشتگردن جو ڪنهن ملڪ يا نسل سان واسطو ناهي هوندو، خطي ۾ مستقل امن جي بحالي لاءِ وڳوڙي ٽولن کي شڪست ڏيڻ وقت جي اهم گهرج آهي,ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي

Modi-India-Pm-121016

ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي چيو آهي ته دهشتگردن جو ڪنهن ملڪ يا نسل سان واسطو ناهي هوندو، خطي ۾ مستقل امن جي بحالي لاءِ وڳوڙي ٽولن کي شڪست ڏيڻ وقت جي اهم گهرج آهي.

لکنئوَ ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڀارتي وزيراعظم جو چوڻ هو ته سڀني ملڪن کي گڏجي دهشتگردي خلاف وڙهڻو پوندو.

هن چيو ته دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن، امن دشمن ٽولن کي پاڙان ختم ڪرڻو پوندو، عالمي برادري کي ايڪي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

مودي جو چوڻ هو ته ڀارت دهشتگردي خلاف عالمي برادري سان سهڪار کي جاري رکندو، پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي پنهنجي خطاب ۾ دهشتگردن جو ذڪر ته ڪيو، پر کانئنس پاڪستان ۾ سرجيڪل اسٽرائيڪ واري دعويٰ تي ڳالهائڻ وسري ويو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*