وزيراعظم نواز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته حضرت امام حسين جو پيغام سموري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي

Nawaz-Sharif-Massege-121016

صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته يوم عاشور اسان کي ڪربلا سانحي جي ياد ڏياري ٿو، حضرت امام حسين ظالم آڏو جهڪڻ بدران شهادت ڏئي اسلام جي جهنڊي کي بلند ڪيو.

 10 محرالحرام تي پنهنجي پيغام ۾ صدر ممنون حسين چيو ته  ڪربلا جو واقعو ڏس ڏئي ٿو ته نظريي ۽ مقصد جي سامهون ڪنهن به شيءِ جي اهميت نه آهي.

وزير اعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته  حضرت امام حسين جو پيغام سموري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي.

 وزيراعظم ميان نواز شريف چيو ته حق جي حفاظت پنهنجي جان کان وڌيڪ آهي اڄ جي ڏينهن تي اسان کي لساني ۽ علائقائي  روش کان پاسو ڪرڻ گهرجي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*