سڪيورٽي خدشا ڪراچي سميت سموري ملڪ ۾ آهن، پر سڪيورٽي ادارن جي انتظامن مان مطمئن آهيون,وڏي وزير مراد علي شاهه

Murad-Ali-Shah-Visit-Ashura-121016

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سڪيورٽي خدشا ڪراچي سميت سموري ملڪ ۾ آهن، پر سڪيورٽي ادارن جي انتظامن مان مطمئن آهيون.

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي جناح روڊ پهچي مرڪزي ماتمي جلوس جي سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو، جنهن دوران ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ۽ آءِ جي سنڌ ساڻس گڏ هئا.

ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ ڪيل انتظامن بابت وڏي وزير مراد علي شاهه کي بريفنگ ڏني، جنهن تي هن اطمينان جو اظهار ڪيو.

ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سي ايم هائوس پهچي ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي جي جائزي لاءِ جوڙيل ڪنٽرول ۽ ڪمانڊر سينٽر جو دورو ڪيو.

دوري دوران وڏي وزير کي ماتمي جلوسن جي نگراني ۽ سڪيورٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي هن اطمينان جو اظهار ڪيو.

وڏي وزير آءِ جي ذريعي سمورن ڊي آءِ جيز کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام ۾ ڪنهن اڻوندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي سخت ڪئي وڃي.

مراد علي شاهه چيو ته سڪيورٽي خدشا رڳو ڪراچي نه پر سڄي سنڌ ۾ آهن، جلوس خيريت سان منزل تي پهچايو  ويندو، سڪيورٽي انتظام اطمينان جوڳا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*