يوم عاشور جي موقعي تي جلوسن ۾دهشتگردي جو خدشو آهي، جيستائين ڏهين محرم الحرام جو ڏهاڙو خيريت سان نٿو گذريل سڪون سان نه ويهنداسين,وڏي وزير سيد مراد علي شاهه

Murad-Ali-Shah-JCB-Visit-121016

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته يوم عاشور جي موقعي تي جلوسن ۾دهشتگردي جو خدشو آهي، جيستائين ڏهين محرم الحرام جو ڏهاڙو خيريت سان نٿو گذريل سڪون سان نه ويهنداسين.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جيڪب آباد پهچي يوم عاشور جي حوالي سان جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سموري سنڌ ۾ ماتمي جلوسن ۾ دهشتگردي جو خدشو آهي، جنهن ڪري سڪيورٽي جا انتطام سخت ڪيا ويا آهن.

 وڏي وزير چيو ته جيستائين 10 هين محرم الحرام جو ڏينهن خيريت سان نٿو گذري، تيستائين سڪون نه ويهندس، مان پاڻ سڪيورٽي انتظام ڏسڻ لاءِ جيڪب آباد پهتو آهيان.

ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر جي لاشاري پاڙي پهچي گذريل سال 9 محرالحرام تي آپگهاتي ڌماڪي ۾ ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

وڏي وزير چيو ته گذريل سال نائين محرم تي ماتمي جلوس ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ شهيدن ٿيلن جي وارثن سان هر قسم جو سهڪار ڪيو ويندو ۽ زخمين جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*