ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪارروايون ڪري سياسي پارٽي جي ٻن ٽارگيٽ ڪلرز سميت 6 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا

Rangers-Karachi-121016

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪارروايون ڪري سياسي پارٽي جي ٻن ٽارگيٽ ڪلرز سميت 6 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

رينجرز ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ڪراچي جي لانڍي، ناظم آباد، بن قاسم ۽ ڪورنگي وارن علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 6 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.

ترجمان موجب گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ ايم ڪيو ايم جا ٽارگيٽ ڪلرز به شامل آهن، جن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

رينجرز ترجمان جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران بندش پيل تنظيم جي ٻن ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي جي به ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو،جن ٽان به هٿيار مليا آهن.

گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*