ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ سمورن رانديگرن ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو،جنهن سبب فتح ملي آهي

Virat-Kholi-Newzeland-Seriers-121016

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ سمورن رانديگرن ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو،جنهن سبب فتح ملي آهي.

ڀارتي شهر اندور ۾ ڀارتي ٽيم مهمان ڪيوي ٽيم خلاف کيڏي ويل ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ 321رنز تان فتح ماڻي.

ميچ ۾ڪاميابي بعد ميڊيا سان ڳالهائندي ويرات ڪوهلي چيو ته سيريز ۾ ٽنهي شعبن ۾ ڀارتي ٽيم بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو.

هن چيو ته ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ اجنيڪا رهاني سان سندس پارٽنرشپ وڏو ٽوٽل ٺاهڻ ۾ مدد ڏئي،جنهن بعد ايشون جي شاندار بالنگ سبب ڪيوي ٽيم خلاف وڏي برتري ملي ۽ان برتري ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ان موقعي تي نيوزيلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن چيو ته ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ويرات ڪوهلي ۽ اجنيڪا رهاني جي شاندار بيٽنگ ڪئي ،جنهن سبب هو سندن مٿان دٻاءِ وڌيو ۽ ميچ ۾ايشون بهترين بالنگ ڪئي،جنهن سبب ڀارتي ٽيم کي ڪاميابي ملي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*