ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارتي ٽيم ڪپتان ويرات ڪوهلي جي شاندار ڊبل سنچري ۽ ايشون جي ڪيريئر بيسٽ بالنگ سبب نيوزيلينڊ کي هڪ طرفي مقابلي بعد 321رنز تان شڪست ڏئي کين وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

India-Vs-Newzeland-test-Win-121016

ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارتي ٽيم ڪپتان ويرات ڪوهلي جي شاندار ڊبل سنچري ۽ ايشون جي ڪيريئر بيسٽ بالنگ سبب نيوزيلينڊ  کي هڪ طرفي مقابلي بعد 321رنز تان شڪست ڏئي کين وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.

ڀارتي شهر  اندور ۾ کيڏي ويل ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ويرات ڪوهلي ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو.

پهرين اننگ ۾ڀارتي ٽيم ويرات ڪوهلي جي شاندار 211۽ اجنيڪا رهاني جي 188رنز جي اننگ سبب 557رنز  اسڪور ڪرڻ بعد اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي.

ڪيوي ٽيم پاران ٽرينٽ بولٽ ۽پاٽيل ٻه-ٻه، جڏهن ته سانٽنر هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين اننگ ۾ 299 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ مارٽن گپٽل 72، نيشام 71۽ٽام لاٿم 53رنز جي اننگ کيڏي نمايابيٽسمين رهيا.

ڀارتي ٽيم پاران ايشون 81رنز عيوض 6۽روينڊره جديجه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

ڀارتي ٽيم پهرين اننگ ۾ 258رنز جي برتري حاصل ڪئي،جنهن بعد ٻي اننگ ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 216رنز اسڪور ڪري اننگ ڊڪلئير ڪري ڀارت کي ميچ کٽڻ لاءِ 475 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو.

نيوزيلينڊ جي ٽيم جا بيٽسمين ٻي اننگ ۾ به ڀارتي بالرز آڏو بيوس نظر آئي ۽ پوري ٽيم صرف 153رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽اهڙي طرح کين 321 رنز تان شڪست ملي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ٻي اننگ ۾ روز ٽيلر 32،وليمسن 27، واٽلنگ 23رنز جي اننگ کيڏي.

ڀارتي ٽيم پاران ٻي اننگ ۾ به روي چندرن ايشون 59رنز ڏئي ست وڪيٽون حاصل ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

روي چندرن ايشون کي ميچ ۾ 13 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي سيريز جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*