پاڪستان جي ٽي-ٽوئنٽي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آلرائونڊر شاهد آفريدي چيو آهي ته هو جاويد ميانداد جي مڙهيل الزامن خلاف ڪورٽ ۾ ويندو

Shahid-Afridi-Javed-121016

پاڪستان جي ٽي-ٽوئنٽي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آلرائونڊر شاهد آفريدي چيو آهي ته هو جاويد ميانداد جي مڙهيل الزامن خلاف ڪورٽ ۾ ويندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد ۽شاهد آفريدي وچ ۾ جاري تڪرار هن وقت تائين حل نه ٿي سگهيو آهي.

ٻئي ڪرڪيٽر تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، اهڙي صورتحال ۾ جاويد ميانداد جو اهو بيان ته هن شاهد آفريدي کي معاف ڪري ڇڏيو آهي.

جاويد ميانداد جوچوڻ هو کيس شاهد آفريدي جي بيان سبب تڪليف پهتي پر هو وڏو هجڻ سبب کيس معاف ٿو ڪري.

شاهد آفريدي ميانداد جي اهڙي بيان بعد چيو ته وڏي مهرباني جاويد ڀائي جي جنهن کي کيس معاف ڪيو، پر ان سان گڏ شاهد آفريدي اهو سوال به اٿاريون ته ڇا ميانداد سندس مٿان مڙهيل الزام به واپس وٺي رهيو آهي؟

شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته جاويد ميانداد پاران ميچ فڪسر جي الزامن سبب سڄي دنيا ۾ هن جي ۽ گهرڀاتين جي ساک کي ڌچڪو پهتو آهي ۽ جيڪڏهن جاويد ميانداد پنهنجا الزام واپس نه ورتا ته هو پنهنجي ساک بچائڻ لاءِڪورٽ ويندو.

جاويد ميانداد جي الزامن بعد معافي وٺڻ بعد شاهد آفريدي پاران آيل جواب بعد صورتحال ڪافي واضع ٿي وئي ته ڳالهه هاڻي نڪتي آهي ته گهڻي اڳتي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*