ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي دبئي اسپورٽس سٽي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم گلابي بال سان پريڪٽس سيشنز ۾ مصروف آهي

Pakistan-Dubai-City-Match-121016

ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي دبئي اسپورٽس سٽي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم گلابي بال سان پريڪٽس سيشنز ۾ مصروف آهي.

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ڊي اينڊ نائيٽ آهي،جيڪا پاڪستان جي 400 هين ٽيسٽ ميچ آهي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم گذريل ٻن ڏينهن کان گلابي بال سان فلڊ لائيٽس ۾ پريڪٽس سيشن ۾ مصروف آهي.

پريڪٽس سيشن دوران قومي ٽيم جي سمورن رانديگرن فيلڊنگ بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي ڌيان ڏنو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ رٿيل پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي پاڪستاني ٽائيم مطابق شام ساڍي چيئن وڳي شروع ٿيندي.

ڊِي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ کان پهرين ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هڪ ٽي روزه ميچ فلڊ لائيٽس ۾ کيڏي وئي،جيڪا ڊرا ٿي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*