سنڌ سرڪار ڪچين آبادين کي پڪو ڪرڻ لاءِ سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪندي چيو آهي ته 56ڪچيون آباديون ڪراچي جي خطرناڪ هنڌن تي قائم آهن

cm ijlas in kachi abadi

سنڌ سرڪار ڪچين آبادين کي پڪو ڪرڻ لاءِ سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪندي چيو آهي ته 56ڪچيون آباديون ڪراچي جي خطرناڪ هنڌن تي قائم آهن.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪچي آبادين بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪچي آبادي کاتي جي صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ بلوچ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

اجلاس دوران وڏي وزير کي سنڌ جي ڪچي آبادين بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 1409 ڪچيون آباديون آهن، جن مان  129 ڪچيون آباديون وفاق جي زمين تي قائم ٿيل آهن.

وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس ۾ غور ويچار کانپوءِ  مرتضيٰ بلوچ کي ڪچي آبادي بورڊ جو چيئرمين ۽  ارم خالد کي بورڊ جو مميبر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*