باقراڻي ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پاران رهيل پگهارون جاري ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ 25 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

bakari milazim pro

باقراڻي ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پاران رهيل پگهارون جاري ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ 25 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

 ملازمن سيد اياز شاهه ، خادم حسين کوهارو، بخشل چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته انتظامي نااهلي سبب  گذريل ٽن مهينن کان باقراڻي ۾ ٽائون آفيسر مقرر نه ٿي سگهيو آهي.

هنن چيو ته ٽائون آفيسر مقرر نه ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي ملازمن جون پگهارون بند ٿي ويون آهن، جنهن ڪري هو معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ٽائون آفيسر فوري طور مقرر ڪري کين رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*