قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه تي هڪ وڌيڪ بئراج ٺاهڻ لاءِ وفاقي توڙي صوبائي سرڪار سان رابطي ۾ آهيون

khursheed shaha beraj visit

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه تي هڪ وڌيڪ بئراج ٺاهڻ لاءِ وفاقي توڙي صوبائي سرڪار سان رابطي ۾ آهيون.

سکر بئراج جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته پاڻي جي ورڇ ۾ سمورن صوبن کي گهربل حصو ملڻ گهرجي.

سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سکر بئراج جو معاملو اٿارڻ تي ميڊيا جو ٿورائتو آهيان، سنڌ کي حصي جو پاڻي نٿو ملي، پاني جي ورڇ منصفاڻي نموني ڪئي وڃي.

سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سکر بئراج جي گيٽ نمبر 3 وٽ پاڻي جو دٻاءُ آهي، گيٽ جي مرمت لاءِ ايڪسئن کي 5 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي.

خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته بلوچستان کي سنڌ مان پاڻي صحيح نموني ملي رهيو آهي، سنڌو درياهه تي متبادل بئراج  ٺاهڻ لاءِ صوبائي ۽ وفاقي سرڪار سان رابطي ۾ آهيون.

سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سکر بئراج سنڌ جو اثاثو آهي، بئراج جي مرمتي ڪم ۾ لاپرواهي ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*