ٽنڊو ڄام ۾ ريتي ۽ بجري سان ڀريل ٽرڪن کان وزن جي مد ۾ ڏنڊ واري رقم ۾ ۾ واڌ ڪرڻ خلاف ٽرانسپورٽرز احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

tando adam

ٽنڊو ڄام ۾ ريتي ۽ بجري سان ڀريل ٽرڪن کان وزن جي مد ۾ ڏنڊ واري رقم ۾ ۾ واڌ ڪرڻ خلاف ٽرانسپورٽرز احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

حيدرآباد، ميرپورخاص روڊ تي قائم ڪيل ڪانٽي تي وزن جي مد ۾ اڳاڙي ويندڙ ڏنڊ جي رقم ۾ واڌ ڪرڻ خلاف ٽراسپورٽرن رمضان بروهي، يار جان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته حيدرآباد، ميرپورخاص روڊ ملڪ جو مهانگو ترين روڊ بڻجي ويو آهي، جتي 200 روپيه ٽول اوڳاڙيو ويندو پيو وڃي.

هنن چيو ته ريتي ۽ بجري سان ڀريل ٽرڪن ۽ ٻين لوڊيڊ گاڏين کان وزن جي مد ۾ پهرين 500 روپيه ورتا ويندا هئا  ۽ هاڻ 2500 روپيه ورتا پيا وڃن، جيڪا نا انصافي آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته رزن جي مد ۾ منصفاڻي نموني رقم جي اوڳاڙي ڪئي وڃي،  ٻي صورت ۾ هو احتجاج جاري رکندا…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*