ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 3 اڳواڻن پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي

mustufa kamal

ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 3 اڳواڻن پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي، مصطفيٰ ڪمال،  فاروق ستار  ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن کي پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير ايم ڪيو ايم جو دفاع ڪري رهيو آهي، اسان جي سافٽ ويئر کانسواءِ  رينجرز، آرمي ۽ ايف سي ڪراچي ۾ امن قائم نٿيون ڪرائي سگهن.

ايم ڪيو ايم جي 3 اڳواڻن شاڪر علي، سليم تاجڪ ۽ نيڪ محمد ڪراچي ۾ مصطفيٰ ڪمال جي موجودگي ۾ پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي مصطفيٰ ڪمال پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  اسان نوجوانن کي هٿيار اڇلائي قلم کڻڻ جو درس ڏنو، بلوچستان ۽ فاٽا جيان ڪراچي جي نوجوانن کي معافي ملڻ گهرجي.

مصطفيٰ ڪمال،  فاروق ستار  ۽ سندس ساٿين کي پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته اسان ايم ڪيو ايم ۾ شامل نٿا ٿي سگهون، جيڪڏهن فاروق ستار ۽ سندس ساٿي اسان جي پارٽي ۾ شامل ٿين ته سندن آجيان ڪئي ويندي.

هن چيو ته سنڌ جو وڏي وزير هڪ گڏجاڻي ۾ آرمي چيف آڏو ايم ڪيو ايم جو ڪيس وڙهندي نظر آيو، ڇاڪاڻ ته پ پ وارن کي اهڙي ايم ڪيو ايم کپي جيڪا سندن آڏو ڪنڌ کڻي نه ڳالهائي.

هن چيو ته ڊي جي رينجرز وٽ هارڊ ويئر ۽ اسان وٽ سافٽ ويئر آهي، جنهن کانسواءِ ڪراچي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي.

پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه چيو ته ذهن تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽جيڪڏهن ذهن تبديل نه ٿيا موقعو ملندي هٿيارن جا انبار لڳي ويندا.

مصطفي ڪمال چيو ته متحده جو باني را جو ايجنٽ آهي، جيڪو سموري دنيا چئي رهي آهي ۽ مان ايم ڪيو ايم جي مذمت نه پر سچ ڳالهائي رهيو آهيان.

مصطفي ڪمال چيو ته فاروق ستار پاران الزام لڳايو ويو ته سڀ خراب ۽ ڏوهاري ماڻهو پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شامل ٿي ويا ان لاءِ فاروق ستار کي چوان ٿو ته خراب ماڻهن جي لسٽ موڪلي انهن کي پارٽي ۾ شامل نه ڪندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*