دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت نيپا چورنگي تي مبينا مقابلي واري ڪيس ۾ گرفتار ٻن پوليس اهلڪارن کي وڌيڪ 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي

khi nepa

دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت  نيپا چورنگي تي مبينا مقابلي واري ڪيس ۾ گرفتار ٻن پوليس اهلڪارن کي وڌيڪ 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، مقتول شاگرد جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

ڪراچي جي مقامي عدالت جي حڪم تي پوليس نيپا چورنگي تي مبينا مقابلي ۾ رينجز ڪاليج جي شاگرد عتيق کي مارڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٻن پوليس اهلڪارن ظفر ۽ نبيل کي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت پوليس جي استدعا تي جوابدارن جو  وڌيڪ 14 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو  آهي، جڏهن ته مقتول شاگرد جي وارثن عدليه ۽ ڊي جي رينجرز کان مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار جوابدارن کي سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*