سپريم ڪورٽ، اورينج ٽرين منصوبي تي اعتراضن جو جائزو وٺڻ لاءِ 2 رڪني ڪميشن جوڙي ڇڏي

orange line

سپريم ڪورٽ، اورينج ٽرين منصوبي تي اعتراضن جو جائزو وٺڻ لاءِ 2 رڪني ڪميشن جوڙي ڇڏي، جيڪا هڪ مهيني اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي پابند هوندي، چيف جسٽس انور ظهير جمالي گذريل ڏينهن ڏنل رمارڪس بابت وضاحت  ڪندي چيو آهي ته عوام کي حڪومت خلاف اٿي کڙو ٿيڻ جي ڳالهه نه ڪئي هئي، هن رڳو ايترو چيو هو ته عوام پنهنجي ووٽ جو درست استعمال ڪري.

چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ اورنج ٽرين منصوبي بابت پنجاب سرڪار جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس انور ظهير جمالي گذريل ڏينهن ڏنل رمارڪس بابت وضاحت ڪندي  ميڊيا ۾ غلط رپورٽنگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

چيف جسٽس وضاحت ڪئي ته گذريل ڏينهن واري ٻڌڻي هن عوام کي حڪومت خلاف اُٿي کڙو ٿيڻ جو نه چيو هو، عوام کي چيو هو ته پنهنجي ووٽ جو درست استعمال ڪري.

ڪجهه اخبارن ريمارڪس کي غلط شايع ڪيو، ڪنهن به اخبار جو نالو نه کڻنداسين، ميڊيا سنسني ڦهلائڻ کان پاسو ڪري.

عدالت اورينج ٽرين منصوبي تي اعتراضن جو جائزو وٺڻ لاءِ 2 رڪني ڪميشن جوڙيندي هڪ مهيني اندر رپورٽ تيار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائني ملتوي ڪري ڇڏي…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*