ڪوٽڏجي ويجهو هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ٻارڙا چمڙي جي خطرناڪ بيماري ۾ ورتل آهن

khodji bemaar

ڪوٽڏجي  ويجهو هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ٻارڙا چمڙي جي خطرناڪ بيماري ۾ ورتل آهن، وڏي وزير جي اعلان باوجود سندن علاج نه ٿي سگهيو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير جي هدايت تي ٻارڙن کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر اسپتال انتظاميه علاج ڪرڻ کان انڪارڪندي کين ڌڪا ڏئي اسپتال ڪڍي ڇڏيو آهي.

ڳوٺ ملهير پاتو ۾ 12 سالا جنسار ، 6 ورهين جي امام زادي، 4 سالا ڪلثوم، 3 سالا سلمان، ڏيڍ سال جو نويد ۽ 6 ورهين جو نعيم رضا چمڙي جي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا آهن.

وراثن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي کين ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر اسپتال انتظاميه ٻارڙن جو علاج ڪرڻ کان انڪار ڪندي اسپتال مان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

هنن چيو ته بيماري سبب 12 ورهين جو جنسار علي ڪئنسر ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، گهر جو الهه تلهه کپائڻ باوجود هو ٻارڙن جو علاج نه ڪرائي سگهيا آهن.

وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو ته خطرناڪ بيماري سبب ڳوٺ جا ماڻهو اسان جي ٻارڙن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن ۽ اسڪول انتظاميه به ٻارڙن کي پڙهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هنن سنڌ حڪومت کان اپيل ڪئي ته ٻارڙن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي کين تڪليف کان بچايو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*