قومي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان ۽ ٽيسٽ ٽيم جي اوپنر اظهر علي چيو آهي ته کيس گلابي بال تي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي پهرين سنچري اسڪور ڪرڻ تي خوشي ٿي آهي،جنهن کي هو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي

Azhar-Ali-Test-Match-141016

قومي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان ۽ ٽيسٽ ٽيم جي اوپنر اظهر علي چيو آهي ته کيس گلابي بال تي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي پهرين سنچري اسڪور ڪرڻ تي خوشي ٿي آهي،جنهن کي هو لفظن ۾ بيان نٿو  ڪري سگهي.

دبئي ۾ ويسٽ انڊيز خلاف جاري ٽن ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن اظهر علي سنچري اسڪور ڪري گلابي بال تي سنچري ٺاهيندڙ پهريون پاڪستاني بيٽسمين بڻجي ويو آهي.

ويسٽ انڊيز خلاف جاري پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ اظهر علي 184 بالن تي 10 چونڪن جي مدد سان سنچري اسڪور ڪئي.

نوجوان بيٽسمين سميع اسلم ۽ اظهر علي وچ ۾ اوپنگ پارٽنر شپ ۾ 215رنز اسڪور ڪيون.

پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اظهر علي چيو ته کيس ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي پهرين سنچري اسڪور ڪرڻ تي خوشي ٿي آهي،جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته شروع ۾ گلابي بال تي بيٽنگ ۾ مشڪل پيش اچي رهي هئي پر وقت گذرڻ سان گڏ هو ايڊجيسٽ ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*