پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 279رنز اسڪور ڪيون ۽قومي اڄ پنهنجي پهرين نا مڪمل اننگ ٻيهر شروع ڪندي

Pak-West-Test-141016

پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 279رنز اسڪور ڪيون ۽قومي  اڄ پنهنجي پهرين نا مڪمل اننگ ٻيهر شروع ڪندي.

دبئي ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن ڪپتان مصباح الحق ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

پاڪستان ۽ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ جاري ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي ٻين ميچ آهي،ان کان پهرين گذريل سال نومبر مهيني ۾آسٽريليا ۽نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ کيڏ ي وئي هئي.

قومي ٽيم جي اوپنرز شاندار انداز سان بيٽنگ ڪندي 215رنز جي پارٽنرشپ قائم ڪئي.

نوجوان بيٽسمين سميع اسلم 90رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو،جڏهن ته ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي ڪيرئير جي 11هين ۽ ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ جي پهرين سنچري اسڪور ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

اڄ قومي ٽيم پنهنجي پهرين نا مڪمل اننگ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 279رنز تي ٻيهر شروع ڪندي.

اظهر علي 146 ۽اسد شفيق 33رنز اسڪور ڪري ڪريز تي موجود آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*