ريپبليڪن امريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ مختلف عورتن پاران پاڻ مٿان لڳايل غلط ورتاءُ وارن الزامن جي ترديد ڪندي مخالف اميدوار هليري ڪلنٽن جي چونڊ مهم ۽ ميڊيا تي کيس بدنام ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن

Trumf-Us-141016

ريپبليڪن امريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ مختلف عورتن پاران پاڻ مٿان لڳايل غلط ورتاءُ وارن الزامن جي ترديد ڪندي مخالف اميدوار هليري ڪلنٽن جي چونڊ مهم ۽ ميڊيا تي کيس بدنام ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن.

فلوريڊا ۾ پنهنجي حامين کي خطاب ڪندي ٽرمپ جو چوڻ هو ته مٿس لڳايل الزام ڪوڙا آهن ڪلنٽن کي به ان جي ڀلي ڀت خبر آهي ته اهي دعوائون هٿ ٺوڪيون ۽ ڪوڙيون آهن.

هن چيو ته پٺيان هليري ڪلنٽن جي چونڊ مهم ۽ ميڊيا اهڙيون خبرون پکيڙي کيس بدنام ڪن پيا پر اهڙا واقعا ڪڏهن به پيش نه آيا آهن، جن جو وقت اچڻ تي جواب ڏنو ويندو.

ڊونلڊ ٽرمپ تي صحافي سميت مختلف عورتن جنسي حملن جا الزام مڙهيا هئا، ٽرمپ جو چوڻ هو ته هليري ڪلنٽن ۽ ميڊيا سندس خلاف مهم هلائي رهي آهي، جيڪڏهن اخبار پنهنجي رپورٽ واپس نه ورتي ته هو ان خلاف ڪارروائي ڪندو، پر نيويارڪ ٽائمز جو چوڻ هو ته هو پنهنجي اسٽوري تي قائم آهن.

ٻئي پاسي فرسٽ ليڊي مشل اوباما به ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي نڪري پئي  آهي، هليري ڪلنٽن جي چونڊ مهم دوران نيو همشائر ۾ خطاب ڪندي مشل اوباما چيو ته هي رڳو عورتن بابت فحش ڳالهين نه پر هٿين پوڻ جو معاملو آهي، انڪري ٽرمپ جي عورتن بابت خيالن ۽ عمل کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته عورتن بابت شرمناڪ تبصرا ڪرڻ ۽ انهن سان غلط ورتاءُ جون حقيقتون سامهون اچڻ سان کيس ايئن لڳي رهيو آهي ته ڄڻ ساڻس اهڙو ورتاءُ ٿيو آهي، انڪري سڀئي عورتون ان کي ٻڌن، ته اهو ڪيترو نه ظلم ۽ ڊيڄاريندڙ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*