امريڪي صدر براڪ اوباما چيو آهي ته ريپبليڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جيترو ڳالهائي ٿو اوترو پان کي وائيٽ هائوس لاءِ نااهل ثابت ڪري رهيو آهي

Obama-USA-141016

امريڪي صدر براڪ اوباما چيو آهي ته ريپبليڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جيترو ڳالهائي ٿو اوترو پان کي وائيٽ هائوس لاءِ نااهل ثابت ڪري رهيو آهي.

اوهائيو رياست جي ڪولمبس شهر ۾ ڊيموڪريٽس جي سالياني رات جي ماني واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر براڪ اوباما جو چوڻ هو ته هڪ ڄڻو هر روز، هر وقت جيڪو ڳالهائي ٿو اهو پاڻ کي عهدي لاءِ نااهل ۽ اڻ قابل ثابت ڪري رهيو آهي.

اوباما جو چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته اڪثر ريپبليڪنس اهڙي سوچ نٿا رکن جهڙي ڊونلڊ ٽرمپ جي سوچ آهي ۽ مون ته ريپبليڪن پارٽي جي ماڻهن سان ڳالهايو آهي، انهن جي اڪثريت به ڊونلڊ ٽرمپ کي صدارت لاءِ نااهل سمجهي ٿي.

ڊونلڊ ٽرمپ جي عورتن بابت گــُٿا لفظ ڳالهائڻ واري ويڊيو ۽ آڊيو منظر عام تي اچڻ بعد  ڪيترين ئي عورتن مٿس جنسي حملن جا الزام هنيا آهن پر ٽرمپ انهن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*