بادشاهه پومي پوَن جي ديهانت کانپوءِ ٿائيلينڊ ۾ هڪ سال جي سوڳ جي اعلان کانپوءِ ٽي وي چينلز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هڪ مهيني تائين نشريات بليڪ اينڊ وائيٽ هلائي وڃي

THAILAND-KING-NEWSPAPERS-141016

بادشاهه پومي پوَن جي ديهانت کانپوءِ ٿائيلينڊ ۾ هڪ سال جي سوڳ جي اعلان کانپوءِ ٽي وي چينلز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هڪ مهيني تائين نشريات بليڪ اينڊ وائيٽ هلائي وڃي، قومي جهنڊا نويل آهن ۽ ماڻهو شاهي محل پهچي مختلف پرارٿنائون ڪري رهيا آهن.

ٿائي بادشاهه جي موت جي اعلان کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ سال تائين سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، نئين اعلان موجب ٽي وي چينلز کي حڪم ڏنو ويو آهي ته بادشاهه جي سوڳ ۾ ٽي وي نشريات به هڪ مهيني تائين بليڪ اينڊ وائيٽ هلائي وڃي.

شاهي محل گذريل ڏينهن بادشاهه پومي پون جي لاڏاڻي جو اعلان ڪندي چيو ته بادشاهه سري راج اسپتال ۾ انتهائي پرسڪون حالت ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن بعد ٿائيلينڊ جي پارليامينٽ جو خاص اجلاس به گهرايو ويو آهي.

 88 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويل پومي پون دنيا ۾ سڀ کان ڊگهو عرصو تخت نشين رهندڙ بادهسا هو ، جنهن پنهنجي 70 سالن جي اقتدار دوران ڪيترن ئي بحرانن مان ملڪ کي ڪڍيو ، ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا مارشل لا ڪيو ويو پر کيس ملڪي استحڪام جو اهڃاڻ سمجهيو ويندو هو.

بادشاهه پومي پون 5 ڊسمبر 1927ع ۾ امريڪي رياست ميساچوسٽس جي شهر ڪيمبريج ۾ پيدا ٿيو، ان وقت سندس پيءُ شهزادو ماهي دول ادولياديج  هارورڊ يونيورسٽي ۾  تعليم حاصل ڪري رهيو  هو، بعد ۾ سندس ڪٽنب ڏيهه واپس هليو ويو، جتي سندس پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو.

مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ بادشاهه پومي پون جي ماءُ سوئٽزرلينڊ هلي وئي، جتي ئي هن تعليم پرائي، نوجواني ۾ هو فوٽوگرافي، شاعري، موسيقي ۽ مصوري توڙي لکڻ جا شوق رکندو هو.

1935ع ۾ ٿائي بادشاهه ۽  پومي پون جي چاچي پراجا ڌيپوڪ تخت ڇڏي ڏنو، جنهن بعد پومي جي وڏي ڀاءُ آنندا کي 9 سالن جي ڄمار ۾ تخت نشين ٿيڻو پيو پر  1946ع ۾ ان کي به قتل ڪيو ويو، جنهن بعد پومي پون 18 سالن جي ڄمار ۾ 9 جولاءِ تي تخت نشين بڻيو پر تعليم پرائڻ سبب شروعاتي ڪجهه سال بادشاهي وارا معاملا پاڻ نه هلايا.

بادشاهه پومي پون جي انتقال کانپوءِ سندس پٽ 63 سالن جو شهزادو وجيرالونگڪورن تخت نشين بڻجندو، پر شهزادي کي بادشاهه جيتري عوامي پذيرائي حاصل نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*