پرتگال جي اڳوڻي وزيراعظم انتونيو گوترش گڏيل قومن جو نئون سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيڻ بعد هاڻوڪي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

Ban-Ki-Moon-141016

پرتگال جي اڳوڻي وزيراعظم انتونيو گوترش گڏيل قومن جو نئون سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيڻ بعد هاڻوڪي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

بان ڪي مون ملاقات دوران پنهنجي جان نشين کي واڌايون ڏيندي چيو ته گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن بهترين جان نشين چونڊيو آهي ۽ هاڻي هو خوش آهي ته هو پنهنجو سمورو بار مٿس وجهندو.

ان موقعي تي انتونيو گوترش هاڻوڪي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون جا ٿورا مڃيندي چيو ته هي سندس لاءِ اعزاز آهي، پر ان سان گڏ بان ڪي مون جو سٺو جان نشين ٿيڻ ڏکيو ڪم به آهي.

ان کان اڳ  گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 13 ميمبرن گوترش جي نئين سيڪريٽري جنرل طور چونڊ ڪئي هئي، ٻن ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو هو، عهدي لاءِ 12 اميدوار ميدان ۾ هئا، جن مان 7 عورتون هيون.

اربع تي 193 ميمبر ملڪن اتفاق راءِ سان گوترش کي نئون سيڪريٽري جنرل چونڊيو، جيڪو ايندڙ سال پهرين جنوري تي هاڻوڪي سيڪريٽري بان ڪي مون جو ٻيو ڀيرو سيڪريٽري جنرل جو پنج سالن وارو مدو پورو ٿيڻ تي عهدو سنڀالنيدو.

سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ بعد انتونيو گوترش جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي پيچيده دنيا ۾ ڊرامائي مسئلا بردباري جي گهرج ڪن ٿا، جن ۾ اڪيلي جنرل سيڪريٽري وٽ سمورا جواب نه آهن ۽ نه ئي پنهنجي راءِ مڙهي سگهي ٿو.

67 سالن جو انتونيو گوترس 1995ع کان 2002 تائين پرتگال جو وزيراعظم رهيو، جنهن بعد هو 2005 کان 2015 تائين گڏيل قومن جي پناهگيرن واري هاءِ ڪمشنر طور ذميواريون نڀائيندو رهيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*