والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير جو اُڙي حملي تي ڳالهائڻ کان انڪار

Abdul-Farooq-Kashmir-JM-141016

والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير فاروق عبدالله اُڙي حملي تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي ماٿري ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ ڀارتي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان سان ڳالهيون ڪيون وڃن.

والاريل ڪشمير جي مخالف ڌر جي پارٽين جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي اڳوڻي وڏي وزير ۽ هاڻوڪي مخالف ڌر نيشنل ڪانفرنس جي سربراهه فاروق عبدالله جو چوڻ هو ته هو پوئتي ڏسڻ بدران اڳتي وڌڻ ۾ يقين رکي ٿو، انڪري هو اُڙي حملي بابت نه ڳالهائيندو، اڙي سان سندس ڪجهه نه وڃي پر سندس ڌيان ان تي آهي ته ڪشمير کي تباهي کان بچايون ۽ اهو اسان سڀني جو مقصد آهي.

فاروق عبدالله جو چوڻ هو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي انڪري ڀارتي حڪومت کي گهرجي ته پاڪستان سان ڳالهيون شروع ڪري ۽ مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍيو وڃي.

8 جولاءِ تي ڪشميري نوجوان برهان واني جي ڀارتي فورسز هٿان قتل بعد والاريل ڪشمير ۾ لڳاتار ڇڪتاڻ جاري آهي، جنهن کي لڳ ڀڳ اچي سئو ڏينهن ٿيا آهن، جنهن دوران هڪ سئو کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن ۽ هزارين زخمي آهن، جن مان ٻه سئو جي لڳ ماڻهن جون اکيون ڇــِرا لڳڻ سبب ضايع ٿي چڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*