تيزي سان ترقي ڪندڙ دنيا جي 5 وڏن ملڪن جو سربراهي اجلاس ڀارت جي شهر گووا ۾ ڇنڇر کان ٿي رهيو آهي

INDIA-BRICS-PREPS--141016

تيزي سان ترقي ڪندڙ دنيا جي 5 وڏن ملڪن جو سربراهي اجلاس ڀارت جي شهر گووا ۾ ڇنڇر کان ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ روس پاران ڀارت کي جديد هوائي دفاع واري نظام جي وڪري واري معاهدي تي صحيحن جا امڪان آهن.

برازيل، روس، انڊيا، چين ۽ ڏکڻ افريقا تي ٻڌل تنظيم برڪس جو سربراهي اجلاس 15 کان 16 آڪٽوبر تائين جاري رهندو.

ڪريملن جي ترجمان موجب ڀارت ۽ روس وچ ۾ جديد ايس فور هنڊريڊ ميزائلن جي وڪري جو معاهدو ٿيو آهي، جنهن تي گووا ۾ برڪس جي اجلاس جي موقعي تي صدر ولادمير پيوٽن ۽ وزيراعظم نريندر مودي معاهدي تي صحيحون ڪندا.

ايس فور هنڊريڊ اهوئي ميزائل دفاعي نظام آهي، جيڪو روس تازو شام ۾ لڳايو آهي، جڏهن ته ڀارت امريڪا کان به فوجي ساز و سامان خريد ڪرڻ ۽ فوجي ٺڪاڻا استعمال ڪرڻ جو معاهدو ڪري چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*